رياض حسين ميمڻ

رياض حسين ميمڻ

رياض حسين ميمڻ

رياض حسين ميمڻ: ناليواري صحافي ۽ ڪهاڻيڪار رياض حسين جو اصل نالو محمد حنيف ميمڻ آهي، هو 26 جولائي 1963ع تي حاجي محمود هالائي جي گهر غريب آباد محلي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو. 1990ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ادب ۽ صحافت سان ننڍپڻ کان دلچسپي هئس. هو هفتيور همدرد اخبار جو سب ايڊيٽر، پندرهن روزه ملهار جو اعزازي ايڊيٽر، جاڳو اخبار ۽ سنڌ سجاڳ جو ضلعي رپورٽر، روزاني آفتاب ۽ مهراڻ اخبار جو سٽي رپورٽر رهيو. سندس لکيل ڪتابن ۾: آشائن جا ديپ (افسانا ۽ ڪهاڻيون) ۽ لڙڪ لهرون سڏڪا (آتم ڪٿا) شامل آهن. هن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڪيترائي پروگرام ڪيا آهن. سماجي طور تي هو ڪيترن ئي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو آهي. هو حاجي محمود هالائي ميموريل ڪميٽي جو چيئرمئن، ڊسٽرڪٽ لٽريري اينڊ هسٽاريڪل آرگنائيزيشن ميرپورخاص جو خزانچي، بزم قائم ميرپورخاص ۽ ٿر ادبي ڪائونسل جو نائب صدر، روشن تارا رائيٽرس ڪلب جو باني، يوٿ ويلفيئر ڪائونسل ميرپورخاص، سنڌي ميمڻ پنچائت ميرپورخاص، نيشنل پريس ڪلب ميرپورخاص ۽ ايوب نگر ويلفيئرز ايسوسيئيشن ميرپورخاص جو پريس سيڪريٽري رهيو آهي. سنڌ ثقافت ڪميٽي ميرپورخاص جو باني چيئرمئن رهيو آهي. کيس ادبي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو